ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ۾ اختلافن تي آءِ جي سنڌ ٻنهي آفيسرن کي هٽائي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي ۾ اختلافن تي اهم قدم سامهون اچي ويو، هن ٻنهي آفيسرن کي هٽائي 3 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ڊي آءِ جي سکر جي واڌو چارج، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور کي ايس ايس پي گهوٽڪي جي واڌو چارج ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي خلاف آءِ جي سنڌ کي خط لکيو هو، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو هو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڌاڙيلن سان مليل آهي، هن جا پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيلن سان به رابطا آهن.
ڊي آءِ جي سکر ۽ايس ايس پي گهوٽڪي ۾ اختلاف، آءِ جي ٻنهي آفيسرن کي هٽائي ڇڏيو، جاچ ڪميٽي قائم
You might also like