26هين آئيني ترميم جي منظوري، ايندڙ چيف جسٽس ڪير هوندو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 26هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ ايندڙ چيف جسٽس ڪير هوندو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئرن ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي شامل آهن.
پاڪستان جي ٻنهي ايوانن 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري جي طريقي ڪار ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي.
آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ سوال اٿي ٿو ته قاضي فائز عيسيٰ جيڪو 25 آڪٽوبر تي رٽائر ٿي ويندو، ان جي جاءِ تي نئون چيف جسٽس ڪير هوندو؟
آئيني ترميم تحت هاڻ چيف جسٽس جي چونڊ سينارٽي بنياد تي پاڻمرادي طور نه ٿيندي پر سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئرن ترين ججن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪئي ويندي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جا 3 سينيئر جج ڪهڙا آهن؟
61 ورهين جو جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کانپوءِ سينيئر ترين جج آهي، 60 ورهين جو منيب اختر ٻيو سينيئر ترين جج هوندو، جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جو ٽيون سينيئر ترين جج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.