ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي بالي ووڊ اسڪرين رائيٽر، اداڪار ۽ فلمساز سليم خان پٽ سلمان خان سان لاڳاپن جي ڪري سياسي اڳواڻ بابا صديقءَ جي قتل جون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
12 آڪٽوبر تي ڀارتي سياستدان ۽ سلمان خان جي ويجهي بابا صديقي کي ممبئيءَ ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن جي ذميواري لارنس بشنوئي گينگ قبول ڪئي.
سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪندي گينگ جي هڪ رڪن لکيو ته سلمان خان جي مدد ڪندڙن کي نه بخشيو ويندو.
سلمان خان کي مسلسل بشنوئي گينگ طرفان موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ تازو ئي گينگسٽر لارنس بشنوئي پراڻي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ سلمان خان کان جهجهي رقم جو مطالبو ڪيو هو.
ان ڏس ۾ سليم خان مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ جو بابا صديقيءَ جي قتل سان ڪو واسطو ناهي، ائين ٿوڙي ٿيندو آهي ته اوهان مون کي سلام نه ڪيو ته اوهان کي ماري ڇڏيندس.
سليم خان چيو ته موت ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿو، اِهو غلط آهي ته سلمان خان سان ويجهن لاڳاپن جي ڪري بابا صديقيءَ کي ماريو ويو آهي.
واضح رهي ته ان ئي انٽرويو دوران سليم خان جو چوڻ هو ته سلمان کي ملندڙ ڌمڪيون ڀتا خوريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهن، هو ڪنهن کان معافي وٺي؟
هن وڌيڪ چيو ته سلمان خان کي جانورن کي مارڻ جو شوق نه هو ڇاڪاڻ ته هو جانورن سان محبت ڪري ٿو.
You might also like