پنڊي ٽيسٽ: پِچ کي اسپنرن لاءِ سازگار بڻائڻ جي ڪوشش، هيٽرن جو استعمال

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ فيصلائتي ٽيسٽ لاءِ پنڊي اسٽيڊيم ۾ پِچ جي تياري جو عمل شروع ٿي ويو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز جي سيريز 1-1 تان برابر آهي، پهرين ميچ ۾ انگلش ٽيم شاهينن کي اننگز 47 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ٻي ميچ ۾ پاڪستان شاندار واپسي ڪندي انگلينڊ کي 152 رنسن تان مات ڏني هئي.
هاڻ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽِين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ لاءِ راولپنڊي اسٽيڊيم جي پِچ جي تياري جو عمل شروع ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، پنڊي ٽيسٽ لاءِ پِچ کي اسپنرن لاءِ سازگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پِچ کي سُڪائڻ لاءِ پکن ۽ هيٽرن جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پِچ جي ٻنهي پاسي 3،3 هيٽر رکيا ويا آهن، هيٽرن جي آڏو پکن ذريعي گرمائش پِچ تائين پهچائي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پِچ جي ٻنهي پاسي ڪاري ڪپڙي جو استعمال سان وڌيڪ گرمائش پهچائڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ڏينهن جي وقت ۾ پِچ کي ڪورز نه ڍڪيو ويندو.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ کان راولپنڊي ۾ ٽريننگ شروع ڪندي ۽ انگلش ٽيم وڌيڪ هڪ ڏينهن آرام کانپوءِ اڱاري کان پريڪٽس ڪندي.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽِين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ خميس کان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.