چيف جسٽس ۽ حامد خان ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن بابت نظرثاني درخواست دوران چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسي ۽ حامد خان ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان بئنچ تي اعتراض واريندي چيو ته موجودا ٽي رڪني بئنچ ڪيس نٿي ٻڌي سگهي، سني اتحاد ڪائونسل ڪيس ۾ تيرنهن رڪني بئنچ فيصلو ڏئي چڪي آهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ نظرثاني درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪو اهڙو فيصلو نه ڏسنداسين جنهن تي نظرثاني التوا هيٺ آهي، اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه، اوهان کي پنهنجي ڳالهه ته ڪرڻي ئي پوندي، جيڪو چوڻ چاهيو ٿا منهن تي چئو، ٽي وي تي ويهي نه چئو، اسان جي منهن جي جيڪو وڻيوَ چئو، پرپٺ نه، اوهان کي دليل ڇو ناهن ڏيڻا، جواب ڏيو؟ جنهن تي حامد خان چيو ته مون کي دليل ناهن ڏيڻا.
چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه؟ جنهن تي حامد خان چيو ته هاڻي هو اِهو چوڻ چاهيندو جيڪو هو نه پيو چوڻ چاهي، قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهن تي ڳالهائڻ وارن کي هو پسند ڪري ٿو.
حامد خان چيو ته اهڙي شخص جي آڏو دليل نٿو ڏئي سگهان جيڪو اسان جي خلاف انتهائي تعصباڻي رويو رکي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مان اوهان کي مجبور نٿو ڪري سگهان جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي چيو ته هڪ جماعت انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ ۾ دير ڇو ڪري رهي آهي؟ اِهو ته هڪ هفتي جو ڪم آهي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ گوهر علي خان، نياز الله نيازي، علي ظفر پڻ هئا، انهن مان ڪو دليل ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏئي سگهي ٿو، حامد خان چيو ته موجودا بئنچ جي آڏو دليل ڏيڻ ئي نٿا چاهيون، ڪيس لاءِ نئين بئنچ جوڙندي ته دليل ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.