اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ۽ ماڻهو ياد ڪندا ته اسان جسٽس ثاقب نثار،جسٽس کوسو ۽ جسٽس گلزار احمد جهڙن ججن جي مستقبل ۾ مقرري روڪي ڇڏي آهي،پاڪستان کي جسٽس فائز عيسيٰ جهڙن ججن جي ضرورت آهي،سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي لاهوري گروپ جي ضرورت ناهي،لاهوري ججن جو گروپ ٽرڪن تي ۽ سس جي چوڻ تي فيصلا ڪندو هو، هن ترميم کانپوءِ اهڙا فيصلا ۽ اهڙا جج نه ايندا،حڪومت عوام جي نمائندا آهي ان کي جج به مقرر ڪرڻا آهن ۽ ان کي سپريم ڪورٽ کي به ٺيڪ ڪرڻو آهي، ان کي سڄو نظام سڌو ڪرڻو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به سنجيده نه رهي آهي، باني چيئرمين ختم ٿي چڪو آهي، هي سياست آهي، سياست ۾ اڳتي وڌو، هن چيو ته اسان کي دفاعي اداري کان هزارين شڪايتون هونديون، پي ٽي آءِ کي ڪهڙيون شڪايتون هونديون؟ 9 مئي تي جن حملا ڪيا انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي