اسلام آباد(م ڊ)اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته اهو بدبودار عمل آهي، اهو جتان شروع ٿيو ان تي نظرثاني ڪريو، آزاد عدليه جو ڳلو دٻائڻ لاءِ اهو عمل ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان صحيح چيو ته ڪارو نانگ هو،هي حڪومت پاڪستان جي عوام جي ترجماني نٿي ڪري،هي چوري ٿيل مينڊيٽ تي ٺهيل اهي،هن مينڊيٽ کي عوام تسليم نٿو ڪري، آئيني ترميم جي مسودي ۾ ووٽ کي ذلت ڏيو به لکي ڇڏيو ها ته سٺو ٿئي ها، جن ماڻهن جو ٿورو مڃي رهيا آهيو انهن ۾ ”نامعلوم ماڻهن“ کي به شامل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته هن ئي پارليامينٽ ۾ ايجنسين جا ماڻهو آيا،اسان جي ايم اين ايز کي کنڀيو ويو، هن پارليامينٽ جي بي توقيري ٿي،هن پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو ويو، ان کانپوءِ توهان خاص ڪميٽي ٺاهي، ان ڪميٽي جو اصل مقصد استعمال نه ڪيو ويو، انهن ترميمن پٺيان حوالدار ڀٽه صاحب لڳل هو ته ڪريو يا مرو، ايتري تڪڙ ڇو هئي؟ تيز گام لڳائي وئي، اها ترميم 31 آڪٽوبر تي به ٿي پئي سگهي، ڇا ملڪ سيز ٿي وڃي ها،ڇا پي آءِ اي جا جهاز به نه هلن ها،پگهارون بند ٿي وڃن ها؟ ان تي ڪير نٿو ڳالهائي، انهن اجلاسن ۾ قانون واري وزير کي به مسودي جي خبر نه هوندي، ڪٿان مسودو اچي رهيو هو، 502 ورڪشاپ جو مستري مسودو موڪلي رهيو هو؟ اصل ۾ انهن جو مقصد عدليه کي ختم ڪرڻ آهي، ان سڄي عمل ۾ اسان جي ميمبرن کي کنڀيو ويو، چوڌري الياس،عثمان علي حيدر،شفقت اعواڻ،زين قريشي جي گهرواري کي اغوا ڪيو ويو،سعدالله بلوچ جي گهرواري ۽ پٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو،اسامه جي اسٽاف تي تشدد ڪيو ويو،رياض فتيانه جي پٽ کي ٻه ڀيرا اغوا ڪيو ويو، انتظار پنجوٿا اڄ تائين غائب آهي،عادل بازئي جي پلازه کي ڪيرايو ويو، دائود شاهه کي کنڀيو ويو،حاجي امتياز به ايجنسين وٽ قيد هو،مبارڪ زيب، ظهور قريشي،اورنگزيب کڇي،زين قريشي تي دٻاءُ وڌو ويو ،عمران خان جي سيل ۾ بجلي ناهي، کيس قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي،هن چيو ته اسپيڪر اسان جي ميمبرن تي اسٽينڊ وٺي،اسان جي کنڀيل ميمبرن کي ان عمل جو حصو نه بڻائڻ گهرجي،