ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) ريلوي اسٽيشنز ۽ ايئرپورٽن تي جڏهن ڪنهن کان موڪلايو ويندو آهي ته ماڻهو جذباتي ٿي ويندا آهن ۽ ڀاڪر پائي بيهي رهندا آهن.
ان صورتحال جي تدارڪ لاءِ هاڻ ڀاڪر پائڻ جي حد 3 منٽ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهن کي چيو ويو آهي ته اهي پارڪنگ ۾ هڪٻئي سان ڀاڪر پائين.
نيوزيلينڊ جي شهر ڊونيڊن ۾ ايئرپورٽ انتظاميا مسافرن کي الوداع چوڻ لاءِ ايندڙن جي جذباتيت کان پريشان ٿي بورڊ لڳائي ڇڏيا آهن ته ڪو به ڪنهن کي ٽي منٽن کان وڌيڪ وقت تائين ڀاڪر نه پائي ۽ بهتر اهو آهي ته جذباتي لمحا پارڪنگ ۾ گذاريا وڃن، ڇو ته ڊپارچر ايريا ۾ اهڙي صورتحال سان اڏامون دير جو شڪار ٿي وينديون آهن.
ان حڪم نامي تي سوشل ميڊيا جي ڪيترن ئي واهپيدارن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ان کي ساراهيو به آهي.
You might also like