آئين ڳجهو دستاويز ناهي: اختر مينگل جو آئيني ترميمن جو حصو بڻجڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بي اين پي سربراهه اختر مينگل آئيني ترميمن جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته آئين ڪو ڳجهو دستاويز ناهي، اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي آهي جو راتورات ڳجهي ترميم جي ضرورت پئجي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته آئيني ترميمن کي ڳجهو ڊاڪومينٽ ٺاهيو ويو آهي ۽ مسودو مختلف قسطن ۾ شيئر ٿي رهيو آهي، سوال اهو آهي ته انهن ترميمن جو خالق ڪير آهي؟ حڪومت، اپوزيشن يا ٻيون ڪي قوتون؟
هن چيو ته دنيا ۾ اهڙي جمهوريت جو مثال نٿو ملي، سموريون ڪوششون آئيني ترميم لاءِ ٿي رهيون آهن، اهڙيون ڪهڙيون ترميمون آهن، جن کي پبلڪ ڪرڻ حڪمرانن لاءِ شرم جي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به آئيني ترميم جو حصو نه بڻجنداسين، آئين ڳجهو دستاويز ناهي هوندو، هر شهري کي ترميمن بابت علم جو حق آهي، مان ته ملڪ کان ٻاهر هيس، رابطو ڪيو ويو ته آئيني ترميمن ۾ اسان جو ساٿ ڏيو، مان چيو بيروزگار آهيان، استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.