بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جا وڌيڪ 4 ٻار پوليو جو شڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جا وڌيڪ 4 ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويا.
اختيارين موجب لڪي مروت ۾ 30 مهينن جي ٻارڙي، پشين ۾ 18 مهينن جي ٻارڙي، چمن ۾ 9 مهينن جو ٻار ۽ نوشڪي ۾ 5 ورهين جو ٻار پوليو جو شڪار بڻيا.
اختيارين ٻڌايو ته بلوچستان ۾ پوليو متاثر ٻارن جو انگ 20 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ 10، خيبر پختونخواهه ۾ 5، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون اچي چڪو آهي.
اختيارين موجب بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه مان 4 نوان سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 37 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.