اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
هڪ رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مسلسل 5 سال سراسري مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ رهڻ جو ڪاٿو لڳايو آهي ۽ عالمي مالياتي اداري هلندڙ مالي سال مهانگائي حڪومتي هدف کان به گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ 9.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي.
واضح رهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت سراسري مهانگائي جو هدف ڊبل ڊيجٽ ۾ 12 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي.
You might also like