ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي شاندار ڪارڪردگي سبب جتي ڪيئي رڪارڊ ٺهيا اتي نعمان علي جي بالنگ جو جادوءَ پڻ سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
سنڌ جي سانگهڙ ضلعي جي تعلقي کِپرو سان واسطو رکندڙ 38 ورهين جي ليفٽ آرم اسپنر نعمان عليءَ پنهنجو ڪرڪيٽ جو سفر هر عام نوجوان جيان ٽيپ بال ڪرڪيٽ سان شروع ڪيو.
هو جڏهن تيرنهن ورهين جو هو ته والد جي ملازمت سبب کيس خاندان سوڌو حيدرآباد منتقل ٿيڻو پيو جتي نعمان عليءَ فضل الرحمان ڪلب طرفان باظابطا ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي.
نعمان علي ۾ ڪرڪيٽ جو شوق پنهنجي مامي رضوان احمد کي ڏسي پيدا ٿيو جيڪو هڪ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
نعمان علي شروع ۾ فاسٽ بالنگ ڪندو هو پر مامي کيس اسپن بالنگ ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
نعمان علي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ حيدرآباد ڪي آر ايل ۽ نادرن جي ٽيمن جي نمائندگي ڪري چڪو آهي جڏهن ته يو بي ايل طرفان گريڊ ٽو ڪرڪيٽ کيڏي.
هو پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي به نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن انگلينڊ ۾ بريڊ فورڊ ليگ ڪرڪيٽ پڻ کيڏي آهي.
هنيئر تائين نعمان علي پاڪستان لاءِ 16 ٽيسٽ ميچن ۾ 58 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي، هن پنج دفعا اننگز ۾ پنج ۽ هڪ دفعو ميچ ۾ ڏهه وڪيٽون وٺڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.
ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ خلاف 46 رنسن عيوض اٺ وڪيٽون سندس ڪيريئر جي بهترين بالنگ پڻ آهي ان سان گڏوگڏ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون پنجاهه وڪيٽون به مڪمل ڪري ورتيون آهن.
نعمان 34 ورهين جي عمر ۾ پاڪستان لاءِ پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي ان وقت جڏهن کائنس پڇيو ويو هو ته ڇا هو نٿو سمجهي ته وٽس عالمي ڪرڪيٽ لاءِ گهڻو وقت ناهي بچيو؟
ان تي سندس چوڻ هو ته عمر رڳو هڪ انگ آهي جيڪڏهن اوهان فٽ آهيو ۽ ميدان ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهيو ته پوءِ اهڙيون ڳالهيون فضول آهن.
You might also like