آئيني ترمين جي منظوري لاءِ ڪابينا جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن ڪارروائي جي سڀاڻي صبح تائين ملتوي ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شام 7 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، ڪابينا ميمبرن شرڪت ڪئي.
پڌرائيءَ موجب اڄوڪو اجلاس سڀاڻي صبح تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ آئيني ترميمن کي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ پوءِ امڪان آهي ته انهن کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.