لاهور (ويب ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ خلاف 152 رنسن تان ڪاميابي کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ” پي آر ايجنسين“ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ” پاڪستان ڪرڪيٽ کي ڪامران غلام، سلمان علي آغا، ساجد خان ۽ نعمان علي جهڙي پليئرز جي ميچ وننگ ڪارڪردگي جي ضرورت آهي ڪنهن پي آر ايجنسين جي نه.“
واضح رهي ته ماضي ۾ اڳوڻي پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف ۽ نجم سيٺي جي دور ۾ رانديگرن تي پي آر ايجنسين سان مبينا ڳٺ جوڙ ذريعي بورڊ کي بليڪ ميل ڪيو ويو هو ۽ پنهنجون شرطون مڃرايون هيون جنهن تي ايڪشن وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
You might also like