قصور (ويب ڊيسڪ) قصور ڀرسان ساڳ کائڻ جو شوق ماسترياڻين کي ڳچي ۾ پئجي ويو، ساڳ پٽڻ تي کين نوڪري تان معطل ڪيو ويو.
لعل شاهه بستي واري علائقي جي گرلس اسڪول ۾ مقرر ٻن ماسترياڻين کي ڊيوٽي دوران ساڳ پٽڻ تي معطل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ٻنهي ماسترياڻين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته ٻئي ساڳ پٽڻ ۾ مصروف آهن، پوءِ انڪوائري ۾ انڪشاف ٿيو ته ٻئي اسڪول ۾ حاضري لڳائي ساڳ پٽڻ ويون هيون.
You might also like