ڪهڙي عمر ۾ شادي نه ڪرڻ گهرجي؟ ثروت گيلاني ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي من موهڻي اداڪارا ثروت گيلاني نوجوانن کي شادي بابت اهم مشورو ڏئي ڇڏيو.
ويجهڙائي ۾ ثروت گيلاني هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شادي ۽ لاڳاپن بابت گفتگو دوران پنهنجا ويچار ونڊيا.
ثروت گيلاني موجب، اڄڪلهه ڪا به ضمانت ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ارينج ميرج پسند جي پرڻي کان وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيندي آهي.
اداڪارا چيو ته ارينج ميرج ۾ ماڻهن کي هڪٻئي مان ڪا به اميد ناهي هوندي ۽ اهڙيون شاديون ڪامياب پڻ ٿينديون آهن.
هن چيوته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ورهين جا لاڳاپا ۽ محبت ڪجهه منٽن ۾ به ختم ٿي ويندي آهي، تنهنڪري ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ اوهان جو مضبوط هجڻ ضروري آهي.
ثروت گيلاني نوجوانن کي مشورو ڏيندي چيو ته ويهه ورهين جي عمر ۾ شادي قطعي نه ڪريو، شادي لاءِ ٽيهه سالن جي عمر بهترين آپشن آهي ڇو ته ويهه سالن جي عمر ۾ اوهان مُنجهيل هوندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.