اسٽيٽ بئنڪ معيشت بابت سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ مالي سال 24-2023 لاءِ معيشت تي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب مهانگائي مئي 2023 جي 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح کان گهٽجي جون 2024 ۾ 12.6 سيڪڙو جي گهٽ سطح تي اچي وئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي 13 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناڻي جي پهچ ۽ برآمدن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو تي برقرار رکيو، ناڻي مٽاسٽا ڪمپنين ۾ به سڌارا متعارف ڪيا ويا.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته معاشي استحڪام برقرار رکڻ جي رستي ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون آهن، سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪاروباري ماحول سازگار بڻائڻ جي ضرورت آهي، تحقيق ۽ ترقي کي هٿي ۽ پيداوار صلاحيت ۾ واڌ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.