اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئين ٿي؟ ان جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڪيٽ کان شروع ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ ذريعي رابطن جي بحالي جي ڳالهه ڪئي.
ذريعن موجب، ٻنهي طرفن کان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿي چڪي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ايندڙ سال آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪري رهيو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ وارو فيصلو حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ تجزئي نگار ٻنهي ملڪن ۾ اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه سٺو سنئوڻ قرار ڏئي رهيا آهن. ماهرن موجب، جيڪڏهن بي جي پي سرڪار ان معاملي کي هاڪاري رُخ سان نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي ته امڪان آهي ته ايندڙ سال ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري .
Next Post
You might also like