پاڪستان ۽ چين سي پيڪ راهداري جو اپ گريڊ ورزن جوڙيندا: چيني ميڊيا

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين گڏيل ترقي جون راهداريون جوڙڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
چيني ميڊيا موجب پاڪستان ۽ چين سي پيڪ راهداري جو اپ گريڊ ورزن جوڙيندا، چين پاڪستان کي گوادر پورٽ لاءِ پاڻي ۽ بجلي فراهمي جهڙن مسئلن جي حل لاءِ عزم جو اظهار ڪيو آهي.
چيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته چين ۽ پاڪستان چيني صوبي سنڪيانگ ۽ پاڪستان وچ ۾ زرعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
چيني ميڊيا موجب چين پاڪستان تي حفاظتي قدمن ۽ سهڪار لاءِ گڏيل سيڪيورٽي انوائرنمينٽ جي قيام تي زور ڏنو آهي، چين ۽ پاڪستان گڏيل فوجي مشقن، تربيت، فوجي ٽيڪنيڪي معاملن تي سهڪار کي به وڌائيندا.
چين ۽ پاڪستان جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار مضبوط بڻائڻ تي به اتفاق ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.