قتل ڪيس ۾ نامزد شڪيب الحسن اٽڪل ٽن مهينن کانپوءِ وطن روانو

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ ) قتل جي ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ڪپتان بنگلاديش شڪيب الحسن پنهنجي وطن روانو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، شڪيب الحسن جو خميس تائين بنگلاديش پهچڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، وطن واپسي تي آل رائونڊر سڌو ٽيم هوٽل ويندو ۽ جمعي کان هو شيرِ بنگلا اسٽيڊيم پريٽڪس شروع ڪندو.
شڪيب الحسن اٽڪل ٽن مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي ملڪ واپس موٽي رهيو آهي، ان حوالي سان اعليٰ حڪومتي عهديدارن ڪرڪيٽر کي گرين سگنل ڏنو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شڪيب الحسن ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ شرڪت ڪندو، هو ڍاڪا ۾ پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏندو جيڪا بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي.
ياد رهي ته آگسٽ ۾ شاگرد تحريڪ دوران شڪيب الحسن کي قتل جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو جڏهن ته هن بنگلاديش ۾ جاري پرتشدد واقعن تي خاموشي اختيار ڪرڻ تي قوم کان معافي پڻ گهري هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.