بي ڏوهه هجڻ باوجود ڏيڍ سال کان جيل ۾ آهيان: شاهه محمود قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مان بي ڏوهه هجڻ باوجود ڏيڍ سال کان جيل ۾ پيو آهيان، بس هاڻ ته رڳو الله مان ئي اميد آهي.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته آئيني ترميم تي اسان کي خدشا آهن، حڪومت ترميم تي قانوني برادري جون تجويزون نه پئي ٻڌي، تڪڙ ڪئي وئي ته اهو ملڪ جو نقصان هوندو.
هن چيو حڪومت آئيني ترميم زبردستي ڪرائڻ چاهي ٿي، ڏاڍ ۽ دٻاءَ سان آندل ترميم غير آئيني هوندي، اسان جي ميمبرن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ايس سي او اجلاس ٿيڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، ايس سي او اجلاس ترقي ۽ امن لاءِ انتهائي اهم آهي، تنهن ڪري احتجاج ملتوي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.