پاڪ چين دوستي جا دشمن چيني شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن: صدر زرداري

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري پاران چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي مان ۾ ايوان صدر ۾ مانجهاندو ڏنو ويو، ان دوران ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪ-چين اقتصادي راهداري رٿائن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ معيشت، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، ۽ اهم شعبن ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌائڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو، ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري ڪراچي  ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکوئيندڙ واقعو پوري قوم لاءِ تڪليف جو سبب بڻيو، پاڪ چين دوستي جا دشمن چيني شهرين کي نشانو بڻائي ٻه طرفا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پاڪ چين دوستي جا دشمن سي پيڪ منصوبن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر دشمن پنهنجي ناپاڪ ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.دهشتگردي ۾ ملوث ڏوهارين کي مثالي سزا ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي صدر زرداري چيو ته هو پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندا.صدر زرداري ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي حمايت تي چين جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان کي هميشه گڏيل اهميت جي اهم معاملن تي چين جي غير متزلزل حمايت رهي آهي.صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا نوان رستا ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي ۽ پاڪستان ۽ چين لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي، صدر چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ جي مدد سان چين جي اقتصادي ترقيءَ مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته چيني ڪمپنين کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي، صدر زرداري ايندڙ مهيني چين جي دوري جو اعلان پڻ ڪيو ۽ چيو ته هو نومبر ۾ چين جو دورو ڪندو ۽ پراڻن دوستن سان رابطو قائم ڪرڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جو خواهشمند آهي.ان موقعي تي چيني وزيراعظم لي چيانگ چيو ته پاڪستان ۽ چين سٺا ڀائر، پاڙيسري، ڀائيوار ۽ دوست آهن، پاڪستان ۽ چين پنهنجي ڀائيواري کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ تعاون جاري رکندا.هن چيو ته چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ چيني ڪمپنين جي مدد جاري رکندو.مانجهاندي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.