پاڪستان لاءِ کيڏڻ تي خوش آهيان، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي: ڪامران غلام

ملتان (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ ڪامران غلام چيو آهي ته مان پنهنجي خوشي نٿو ٻڌائي سگهان، اهو هر ڪرڪيٽر جو خواب هوندو آ ته ملڪ لاءِ کيڏي.
ملتان ٽيسٽ جي پهرين اننگز سينچري اسڪور ڪندڙ ڪامران غلام چيو ته پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، مان فٽينس ٽيسٽ لاءِ آيو هيس، خواهش هئي ته هن ڀيري نالو اچي، جڏهن نالو آيو ته ڏاڍي خوشي ٿي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي آهي، 14، 15 سالن جي محنت آهي.
هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ هر قسم جي بالرن سامهون ۽ هر ڪنڊيشن ۾ کيڏي تجربو اچي ويندو آهي، اظهر محمود مون کي ڊيبيو جو ٻڌايو ته ڏاڍي خوشي ٿي، مان هن ڏينهن جو ڏاڍو انتظار ڪيو، هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ته ڊيبيو کي يادگار بڻائي، نوجوانن کي اهو ئي پيغام آهي ته مايوس نه ٿين ۽ دل لڳائي محنت ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.