ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيليوزن جي مشهور اداڪارا شويتا تيواري جي نياڻي ۽ اداڪارا پلڪ تيواري پنهنجي تازي فوٽو شوٽ فيشن جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
پلڪ تيواري جي پهرين سڃاڻپ سندس ماءُ شويتا تيوار هئي پر بعد ۾ هن ميوزڪ وڊيو ”بجلي“ ۾ ڪم ڪيو جنهن کانپوءِ هوءَ ڀارت ۾ بجلي گرل جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
ويجهڙائي ۾ پلڪ تيواري پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس پنهنجي حسن جو جادو جڳائيندي ڏيکاريو ويو .
ڄاڻايل پوسٽ ۾ اداڪار کي نارنگي رنگ جي باڊي ڪون ڊريس پهريل آهي جا هڪ مشهور برانڊ جو شاهڪار آهي.
ان سان گڏوگڏ ادڪارا پنهنجي لُڪ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ زيور به پاتا جڏهن ته اوشين ڪلچز پلڪ جي لڪ کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ڪافي نظر اچي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ پنهنجي پوسٽ ۾ اداڪارا ڪو به لفظ ناهي لکيو ته پر سندس لباس سان هڪجهڙائي رکندڙ دل وارن ايموجيز اداڪارا جي دل جو حال بيان ڪري ڇڏيو آهي.
پلڪ تيواري جون تصويرون ڏسندي ئي ڏسندي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز وائرل ٿيڻ لڳيون جنهن تي واهپيدار اداڪارا جي خوبصورت لُڪ جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.
Prev Post
You might also like