فرانسيسي فٽبالر ڪليان امباپي تي سوئيڊن ۾ عورت سان زيادتي جو الزام سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي فٽبالر ڪيلين امباپي عورتن سان سوئيڊن جي هوٽل ۾ زيادتي ڪئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيلين امباپي اربع کان جمعي تائين سوئيڊن ۾ هو، جتي خميس جي رات زيادتي جو واقعو پيش آيو ۽ معاملو ان وقت سامهون آيو، جڏهن متاثر عورت نگهداشت لاءِ اسپتال پهتي.
پوليس ڪيس جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي پر رئيل ميڊريڊ اسٽار فٽبالر جنسي زيادتي جي الزام کي بي بنياد قرار ڏنو آهي.
امباپي چيو اهو ڪهڙو اتفاق آهي ته الزام ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ سامهون آيو آهي.
واضح رهي ته اها ٻڌڻي امباپي جي اڳوڻي ڪلب پي ايس جي خلاف آهي، جنهن ۾ فٽبالر پگهارن ۽ بونس جي مد ۾ 46 ملين پائونڊ طلب ڪيا آهن.
Next Post
You might also like