ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن اتر ڪوريا سان اسٽريٽيجڪ معاهدي جي منظوري جو بل ڊوما (ننڍي ايوان) ۾ موڪلي ڇڏيو.
نئين معاهدي تحت ڌرين مان ڪنهن هڪ تي جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا رياستن حملو ڪيو ۽ ان پاڻ کي جنگ جي حالت ۾ محسوس ڪيو ته ٻي ڌر فوري طور سمورن ذريعن سان ان کي فوجي ۽ ٻي مدد فراهم ڪندي.
ان معاهدي تي پيونگ يانگ ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي اتر ڪوريا جي دوري جي موقعي تي 19 جون 2024 ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون.
نئون معاهدو 9 فيبروري 2020 ۾ طئي ٿيندڙ ٽريٽي آف فرينڊشپ جي جاءِ وٺندو.
You might also like