رانديگر کي چماٽ هڻڻ تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو هيڊ ڪوچ معطل

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ هيڊ ڪوچ چنديڪا هٿوراسنگهي کي معطل ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ موجب هيڊ ڪوچ چنديڪا هٿوراسنگهي کي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو آهي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته معطلي جي 48 ڪلاڪن کانپوءِ چنديڪا هٿوراسنگهي کي عهدي تان هٽايو ويندو.
رپورٽ موجب بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ 2023 دوران لڳندڙ الزام جي جاچ ڪئي هئي، هڪ رانديگر الزام هنيو هو ته هٿوراسنگهي کيس چماٽ هنئي هئي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ فل سمنز کي عبوري ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.