لاهور: نجي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا زيادتي، پنجاب حڪومت جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت نجي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا زيادتي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي پنجاب ڪاليج واقعي جي جاچ ڪندي.
پنجاب ڪاليج جي شاگردن طرفان احتجاج ۽ سوشل ميڊيا مهم کانپوءِ شاگردياني سان مبينا زيادتي وارو معاملو سامهون آيو هو.
ٻئي پاسي ڪاليج انتظاميا طرفان اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.