برازيل جي هڪ ڪٽنب کي 25 ورهين کانپوءِ پنهنجي صبر جو انعام ملي ويو جڏهن ته سندس گهر جي اڪيلي سربراهه جو قاتل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي بعد پڪڙيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عورت گيسلين سلوا ڊي ڊيوس پيءَ جي قاتل کي پڪڙڻ لاءِ پوليس آفيسر بڻي ۽ پنجويهه ورهين کانپوءِ نيٺ جوابدار کي پڪڙي ورتو.
گيسلين سلوا پنهنجي زندگي پيءُ جي قاتل کي پڪڙڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جنهن کي 16 فيبروري 1999ع تي رڳو 150 برازيلين رئيل قرض جي معاملي تي گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو هو.
رپورٽس موجب، جوابدار جي گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ جاري ٿيا هئا پر هو ڪڏهن به گرفتار نه ٿي سگهيو ۽ نيٺ جيوا والڊو جي نياڻي کيس پڪڙڻ لاءِ پوليس آفيسر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.
گيسيلين نوَ ورهين جي هئي جڏهن سندس پيءُ کي قتل ڪيو ويو هو، هن تعليم پرائي ۽ پوليس فورس جوائن ڪري پيءَ جي قاتل کي گرفتار ڪيو.
پيءَ جي قاتل کي پڪرڻ لاءِ ڌيءَ پوليس آفيسر بڻجي وئي، 25 سالن کانپوءِ جوابدار گرفتار
You might also like