اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) شنگهائي سهڪار تنظيم ( ايس سي او ) اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي وفدن جي سربراهن جا نالا سامهون اچي ويا آهن.
پرڏيهي کاتي 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شيڊيول ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي وفدن جي سربراهن جا نالا جاري ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي کاتي موجب، چيني وزيراعظم لي چيانگ ايس سي او ڪانفرنس ۾ پنهنجي وفد جي قيادت ڪندو، ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامينيم جئه شنڪر ڀارتي وفدن جي اڳواڻي ڪندو جڏهن ته ايراني وفد جي قيادت نائب صدر محمد رضا عارف ڪندو.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل فهرست موجب، بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪندو جڏهن ته قازقستان جو وزيراعظم اولزاس تينوف ۽ ڪرغستان جو چيئرمين ڪيبنيٽ آف منسٽرز زاپاروف پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪندا.
پرڏيهي کاتي موجب، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله اريپوف به پاڪستان ايندڙ شامل آهن ۽ پنهنجي وفد جي قيادت ڪندا جڏهن ته ترڪمانستان جو ڊپٽي چيئرمين آف ڪيبنيٽ منسٽرز راشد ميريدوف پاڪستان ايندو.
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ايس سي او سيڪريٽري جنرل جانگ منگ، ايس سي او ڊائريڪٽر ايگزيڪٽيو ڪميٽي ارسلان مرزائيوف، ايس سي او بزنس ڪائونسل جو بورڊ چيئرمين عاطف اڪرام شيخ پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته ايس سي او ۽ انٽربئنڪ يونين جو ڪائونسل چيئرمين ماروت ييلي بائيف به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو.
You might also like