شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس 14 آڪٽوبر کان 16 آڪٽوبر 2024 تائين پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي.اهو پاڪستان لاءِ نھ رڳو اعزاز جي ڳالهه آهي، پر شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ کانپوءِ جتي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هڪ مثبت سڃاڻپ اجاگر ٿيندي.ان سان گڏ معيشت جي حوالي سان به نوان دروازا کلندا، هن وقت راڄڌاني اسلام آباد ۾ معزز مهمانن جي استقبال سميت اجلاس جي حوالي سان ڀرپور تياريون جاري آهن، پر هميشه وانگر سياسي ڄامڙن جي جماعت جنھن جڏھن چين جي صدر جو دورو ھو تڏهن به فتنو برپا ڪيو ھو ۽ ھاڻي پڻ ڌرڻن ۽ احتجاجن ذريعي نه رڳو شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خراب ڪرڻ چاهي ٿي، بلڪھ وطن جي بھتري ڏانھن وڌندڙ صورتحال کي بگاڙڻ چاهي ٿي.گذريل ڏينھن احتجاج جي نالي ۾ جھڙي ريت ملڪ جي راڄڌاني تي ڪاھھ ڪئي وئي ۽ افغان شھرين کي پئسا ڏئي ڪري جھڙي طرح اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرائي وئي.ان جا بھ ثبوت سامھون اچي رھيا آھن،
سلام آھي اسلام آباد پوليس، رينجرز سميت سمورين سڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستان جي جبل جھڙي مضبوط پاڪستان ھٿياربند فوج کي.جنھن حالتن کي قابو ۾ رکيو،سياسي ڄامڙن جي فتنو پکيڙيندڙ جماعت ھڪ پوليس اھلڪار کي پڻ شھيد ڪري ڇڏيو ،پٿراءُ سان جتي ملڪي ادارن جي ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي ساڳئي وقت ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي وئي.جئين ڏٺو وڃي تھ پشتون تحفظ موومينٽ جي نالي تي پاڪستان مخالف نعريبازي ڪئي وڃي ٿي ۽ پاڪستان جي جھنڊي کي ساڙيو وڃي ٿو.ان ۾ ۽ فتنا جماعت ۾ ڪو فرق نھ آھي.ٻئي پاڪستان مخالف آهن ۽ ڀڃ ڊاھ ۾ ھڪ ٻئي جي برابر آھن، پشتون تحفظ موومينٽ تي پابندي لڳڻ کان پوءِ ان حوالي سان گفتگو ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته آھي گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهي قياس آرائيون هلي رهيون آهن ته پي ٽي ايم تي ڇو پابندي لڳائي وئي؟ انهن جا سبب عوام لاءِ ڄاڻڻ تمام ضروري آهن ڇو ته گذريل ڇهن مهينن دوران پي ٽي ايم جون سرگرميون ڳڻتي جوڳيون رھيون آهن، انهن کي پاڪستان مخالف بيانيئي هلائڻ لاءِ ٻاهرين فنڊنگ ملي رهي آهي، انهن پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا آهن ۽ ملڪي جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي آهي. انهن حملن ۾ افغا شھري به ملوث آھن.
شامل هئا، پشتون تحفظ موومينٽ جا تحريڪ طالبان افغانستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٻاھريون فتنو) سان مڪمل رابطا آهن، ان حوالي سان وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو تھ پاڪستان جي رياست جي خلاف باقاعدي فنڊيڊ مھم جي تحقيق ٿي رھي آھي،تھ اھي فنڊ ڪٿان ملي رھي ھئي.گذريل ڏينھن ۾ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد تي هڪ صوبي جي وڏي وزير ۽ ھھڪ فتنو پکيڙيندڙ جماعت جي ڪارڪنن پاران حملي بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير واضح لفظن ۾ چيو ته تحريڪ انصاف جو باقاعدگي سان پشتون تحفظ موومينٽ سان رابطو ھو.
سڄي دنيا ۾ رهندڙ پختون اسان جا ڀائر آهن، پختونن پاڪستان جي ترقي،پاڪستان جي قيام ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ،پر پختون تحفظ موومينٽ جو ويس پائي، دهشتگردن سان رابطو رکڻ ،پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف منظم مھم هلائڻ ملڪي سالميت جي خلاف آهي،اطلاعات جي وفاقي وزير وڌيڪ اھو بھ چيو تھ اھو تحريڪ انصاف جي لاءِ بھ سبق آھي تھ اوهان جڏھن چئو ٿا تھ خان نھ تھ پاڪستان نھ آھي.اوھان ايڏي وڏي تحريڪ شروع ڪئي تھ اوھان جو وڏي وزير اغوا ڪيو ويو آھي ۽ ان کي مسنگ پرسن قرار ڏنو ويو،اولھھ جي دنيا ۾ توهان وڊيوز پکيڙيو ۽ چيو تھ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير غائب ٿي ويو آهي، پوءِ اوچتو وڏو وزير ظاهر ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو ته هو 12 ضلعا پار ڪري پنهنجي شهر پشاور پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ توهان جي حڪومت آهي، توهان کي پنهنجي صوبي ۾ لڪڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته توهان پرامن احتجاج ڪريو، مخالفت ڪريو، تنقيد ڪريو،ڪا به پابندي ناهي، پر جڏهن توهان پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ جي ڳالهه ڪندا ۽ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپا رکندا تھ ان جي اجازت نھ ٿي ڏئي سگھجي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته موجوده حڪومت جنھن محنت ۽ ڏينهن رات جي ڪوششن سان حالتن کي ڪنٽرول ڪيو ۽ معاشي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي آھي، ان بعد ھاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي افراتفري جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان جي سڀني پارٽين کي اھو سوچڻو پوندو تھ سڀ کان پهرين پاڪستان آهي، هي ملڪ آهي تھ سڀ ڪجھھ آھي. پوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان سموريون سياسي پارٽيون يقيني طور تي هڪ ئي پليٽ فارم تي آھن ۽ حڪومت سان گڏ آهن، پر چند سياسي ڌرين کي ھن اهم ۽ تاريخي موقي تي فتني ڦهلائڻ بدران حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گھرجي.