اسلام آباد (عمر چيما) ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي پي آءِ اي واري ڪهاڻي ڪوڙي نڪتي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ان تي معذرت به ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو پي آءِ اي سان تڪرار تڏهن ممڪن آهي ته هن پي آءِ اي ۾ سفر ڪيو هجي، هو قطر ايئرويز ذريعي دوحه کان اسلام آباد آيو هو ۽ اتي به سيال ايئر ذريعي ويو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو هو ته هن پي آءِ اي ۾ سفر ڪيو ته سندس سامان وڃڻ نه ڏنو ويو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ 17 ماڻهن سان گڏ آيل آهي، سندن سامان هڪ هزار ڪلوگرام کان به وڌيڪ هو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جا ڪجهه 6 يا 7 ماڻهو پي آءِ اي ۾ آيا. هنن چيو ته هڪ هزار ڪلوگرام کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته سندس سي اي او پي آءِ اي سان ڏند چڪ ٿي پر پي آءِ اي ترجمان ٻڌايو ته ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو سي اي او سان ڪو رابطو ناهي ٿيو. سندن وزن جا 62 کان 63 لک رپيا ٿي رهيا هئا. سندن ٽڪيٽون به حڪومت طرفان نه ڪنهن واپاري طرفان ڪرايون ويون هيون. هڪ تقريب دوران گورنر ڪامران ٽيسوري ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي چيو ته اوهان پي آءِ اي جي ڳالهه ٺيڪ ناهي ڪئي، ماڻهو اوهان کي عزت ڏئي رهيا آهن پر اوهان ڀارت جي ڳالهه ڪريو ٿا. تنهن تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مون کي اها ڳالهه ياد ناهي، مان سوشل ميڊيا تي به ڏٺو ته تنقيد ٿي هئي. ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان پي آءِ اي بابت ڳالهه ڪرڻ تي معذرت ڪريان ٿو.