لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻي پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو.
ڳوٺ رضا ابڙو جي رھواسي عبدالله ابڙو الزام لڳائيندي چيو ته برادري جي جهيڙن سبب اسان کي غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جواب ڏيڻ تي بااثر محسن مشوري ۽ حسن مشوري هراسان ڪري رھيا آهن.
هن چيو ته پوليس جي زور تي ھو اسان کي هراسان ڪري ڏوھه ڪرائڻ چاھين ٿا، اڄ پوليس بنا جواز اسان جي گهرن مٿان چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاھه ڪئي ۽ مصعوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد پڻ ڪيو، جڏهن ته اهلڪار گهر ۾ پيل قيمتي سامان ۽ 40 ھزار رپيا روڪ رقم به کڻي ويا.
ڳوٺاڻي وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آءِ جي سنڌ ڊي، آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
You might also like