ليجنڊري رافيل نڊال ٽينس ڪورٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ ) اسپين جي ليجنڊري ٽينس اسٽار رافيل نڊال رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
38 ورهين رافيل نڊال هلندڙ سيزن جي پڄاڻي تي ٽينس ڪورٽ کي الوداع چئي ڇڏيندو.
اسپينش سپر اسٽار پنهنجي عالمي ڪيريئر جو آخري ايونٽ ڊيوس ڪپ جي صورت ۾ کيڏندو جيڪو هلندڙ سال نومبر ۾ شيڊيول آهي.
رافيل نڊال پنهنجي وڊيو پيغام ۾ مداحن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سندس گذريل هڪ ٻه سال انتهائي ڏکيا رهيا آهن، انڪري هن ٽينس تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته رافيل نڊال پنهنجي ڪيريئر دوران 14 فرنچ اوپن سميت 22 گرينڊ سليم پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.