اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر جي بحران سبب عالمي سطح تي اگهه وڌڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ به مسلسل 5 هفتا لاٿ کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ ترتيب وار 5.50 رپيا ۽ 13 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي، اها واڌ 16 آڪٽوبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن هفتن دوران پيٽرول جي قيمت ۾ سراسري طور 2.8 ڊالر في بيرل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ تقريبن 7 ڊالر في بيرل واڌ ٿي آهي.
You might also like