بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
بيجنگ ۾ پريس بريفنگ دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان کان پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ قدمن بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ملڪ چين جي منصوبن ۽ چيني ادارن جي حفاظت لاءِ به پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو.
Prev Post
You might also like