قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان جي نمبر ون يونيورسٽي جي پوزيشن تي برقرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ پنهنجي پهرين پوزيشن برقرار رکي آهي.
”ٽائمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ رينڪنگ 2025“ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد پنهنجو اهو اعزاز برقرار رکيو، اها عالمي سطح تي ٽاپ 500 يونيورسٽين مان 401 نمبر تي موجود آهي.
ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ به قائداعظم يونيورسٽي 315هين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.
قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر استادن، شاگردن ۽ ملازمن کي اهڙي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.
هن چيو ته حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وڌيڪ سهڪار ۽ ڌيان سان يونيورسٽي دنيا جي ٽاپ 200 يونيورسٽين ۾ شامل ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.