پشاور (ويب ڊيسڪ) باچا خان ايئرپورٽ تان قيمتي موبائل فونز جي ٻاهرئين ملڪ سمگلنگ ناڪام بڻائيندي 36 قيمتي موبائل فونز برآمد ڪيون ويون.
خيبر پختونخواهه ۾ سمگلنگ روڪ آپريشنز تحت ڪارروائيون جاري آهن، چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز جي هدايت تي سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو.
چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز محمد جميل موجب باچا خان ايئرپورٽ تان قيمتي موبائل فونز جي ٻاهرئين ملڪ سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران 36 قيمتي موبائل فونز برآمد ڪيون ويون.
هن ٻڌايو ته سامان پشاور کان جده ويندڙ نجي ايئرلائن جي اڏام مان برآمد ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like