اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ۽ ن ليگ آئيني ترميمن تي اتفاق ڪري ورتو.
ن ليگ صدر نواز شريف سان ملاقات لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب هائوس پهتو، اڳوڻي وزيراعظم پ پ چيئرمين جي آجيان ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آئيني ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي جماعتون ٻين جماعتن سان مشاورت کانپوءِ تاريخ طئي ڪنديون.
ملاقات ۾ ن ليگ طرفان مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله، پرويز رشيد، احسن اقبال موجود هئا، جڏهن ته پ پ جي يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، مرتضيٰ وهاب، نويد قمر به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.
You might also like