ممبئي (ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي رئيلٽي شو بِگ باس جي 18 هين سيزن ۾ گڏهه جي انٽري ڀارت ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
بِگ باس جي جاري سين ۾ ” گڌراج “ نالي گڏهه جي انٽري ٿي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سلمان خان ۽ بِگ باس انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا واهپيدار جانورن سان سلوڪ تي اخلاقي سوال پڻ اُٿاري رهيا آهن، شو ۾ گڏهه جي استعمال تي جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ”پيٽا انڊيا“ طرفان سلمان خان کي خط لکيو ويوآهي.
خط ۾ پيٽا انڊيا طرفان بگ باس جي گهر ۾ گڏهه جي انٽري بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
پيٽا جو چوڻ آهي ته هنن کي بگ باس ۾ گڏهه جي استعمال جي حوالي سان ڪيئي شڪايتون مليون آهن، جيڪي درست ۽ قطعي طور تي نظرانداز نٿيون ڪري سگهجن.
خط ۾ پيٽا انڊيا زور ڏنو ته سلمان خان رئيلٽي شو جي پروڊيوسرز کي شو ۾ جانورن کي تفريح لاءِ استعمال نه ڪرڻ تي قائل ڪري.
تنظيم جي خط ۾ گڏهه کي ٻين جانورن سان گڏ پُرامن زندگي گذارڻ لاءِ محفوظ پناهه گاهه ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
You might also like