ملتان (و يب ڊيسڪ ) ملتان ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن رند جي پڄاڻي تي پاڪستان جي 556 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 492 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ 64 رنسن جو خسارو باقي آهي.
ملتان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ دوران انگلينڊ اڄ ٽئين ڏينهن پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 96 رنسن ۽ هڪ رانديگر آئوٽ تان شروع ڪئي.
113 رنسن جي مجموعي اسڪور تي زيڪ ڪرائولي 78 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، بين ڊڪٽ 84 رنسن تي عامر جمال جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو جنهن کانپوءِ روٽ ۽ هيري بروڪ جي ڀائيواري جي مدد سان انگلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 492 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ 64 رنسن جو خسارو باقي آهي.
جو روٽ 176 ۽ هيري بروڪ 141 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن، پاڪستان طرفان شاهين آفريدي، عامر جمال ۽ نسيم شاهه هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ پاڪستان پهرين اننگز ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين جي مدد سان 556 رنسون ٺاهيون هيون، ان کانسواءِ سعود شڪيل 82، نسيم شاهه 33 ۽ بابر اعظم 30 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.
Next Post
You might also like