ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو.
پوليس موجب ڌماڪو زوب جي علائقي سبڪزئي ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون اتي پهچي ويون ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ به طلب ڪيو ويو آهي.
You might also like