لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ جو عهدو متعارف ڪرائي ڇڏيو.
پي سي بي هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ اشتهار به جاري ڪيو ويو آهي.
هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ جي انڊر 13 کان وٺي انڊر 19 تائين ڪرڪيٽ جي ڊيولپمينٽ کي پروموٽ ڪرڻ جي ذميواري هوندي.
هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ سڄي ملڪ ۾ ٽئلينٽ جي ڳولا لاءِ ريجنل اڪيڊميز، ڪوچز ۽ ايسوسيئيشنز سان گڏ ڪم ڪندو.
هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ لاءِ پي سي بي ليول 2 ايڪريڊيشن سان گڏ ان جو گهٽ ۾ گهٽ 50 ٽيسٽ يا ون ڊي ميچون کيڏڻ جو تجربو ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
پي سي بي موجب هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ جي عهدي لاءِ اميدوار 24 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڊ آف يوٿ ڊيولپمينٽ جي عهدي لاءِ اظهر علي مضبوط اميدوار آهي.
You might also like