خيبر پختونخواهه ۾ پاڪ فضائيا جو جهاز تباهه

صوابي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي شهر صوابي ۾ پاڪ فضائيا جو تربيتي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو.
ريسڪيو 1122 جي اختيارين موجب اڱاري تي ڪي پي جي ضلعي صوابي ۾ گدون امازئي جي جابلو علائقي ۾ پاڪ فضائيا جو تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.
ريسڪيو 1122 جي اهلڪار لقمان خان ٻڌايو ته حادثي ۾ ٻئي پائلٽ محفوظ رهيا، ريسڪيو آپريشن جي شروعاتي مرحلي ۾ مقامي ماڻهن ٻنهي پائيلٽس جي مدد ڪئي، اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيم به پهتي.
هن چيو ته پوءِ ٻنهي پائيلٽس کي آرمي هيلي ڪاپٽر ۾ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته فوري طور حادثي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.