ڊي ايڇ اي کي هاڪس بي تي 6 هزار ايڪڙ ايراضي ڏيڻ جو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي هاڪس بي ۾ هائوسنگ اسڪيم لاءِ ايراضي جي الاٽمينٽ جي تجويز آهي پر حڪومت ان حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڊي ايڇ اي کي هاڪس بي ۾ 6 هزار ايڪڙ ايراضي جي الاٽمينٽ بابت سنڌ حڪومت جي تجويز ڪيل منصوبي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
گذريل ٻڌڻي ۾ عدالت صوبائي حڪومت کي ڪنهن به اٿارٽي کي ايراضي جي فراهمي ۽ قديمي ڳوٺن کي ليز ڪرڻ بابت سرڪاري پاليسي فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.
عدالت ڄاڻايل ايراضي تي آباد قديمي ڳوٺن جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺن لاءِ عدالتي ناظر به مقرر ڪيو هو.
ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته شروعاتي ٻڌڻي ۾ واضح هدايتون باوجود گهربل ڄاڻ فراهم نه ڪئي وئي.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت تسليم ڪري رهي آهي ته تجويز موجود آهي پر اڃا تائين ايراضي الاٽ ناهي ڪئي وئي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته هائوسنگ اٿارٽي آرڊيننس 1982 ۾ ڪالعدم ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ 1925 جي حوالي سان هائوسنگ اسڪيمن لاءِ زمين جي الاٽمينٽ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي پر هاڻ سنڌ ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ 2020 لاڳو آهي ۽ 1925 جو قانون هاڻ لاڳو ناهي.
عدالت پنهنجي وڌيڪ مشاهدي ۾ چيو ته قانون ۾ ڪيل تبديلي سان عدالت اهو نتيجو ڪڍي ٿي ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز کاتي يا سنڌ حڪومت کي 1982 جي آرڊيننس تحت هائوسنگ سوسائٽيون هلائڻ جو اختيار ناهي، عدالت اڳ ئي هڪ درخواست تي ڊي ايڇ اي سميت ٻين هائوسنگ اسڪيمن کي ايراضي جي الاٽمينٽ بابت منع نامو ۽ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جا حڪم جاري ڪري چڪي آهي.
عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته قانوني ڏکيائين ۽ موجوده عدالتي حڪمن کي نظر ۾ رکندي اهو حڪم ڏنو وڃي ٿو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز کاتي يا سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ اي سميت ڪنهن به هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي ايندڙ ٻڌڻي تائين الاٽمينٽ تي پابندي لاڳو رهندي.
عدالت سنڌ حڪومت کي سختي سان هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي لکت جواب داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته ناظر کي به گذريل عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جو پابند ڪيو ويو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڳوٺ آباد اسڪيم، بورڊ آف روينيو ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي تازي سروي ڪرائي وڃي.
عدالت ڪميٽي کي لاڳاپيل ايراضي جو دورو ڪري گڏيل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي.
ٻه رڪني بئنچ ايندڙ ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪندي چيو ته هڪ درخواستگذار عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل درخواستگذار کي فوري طور سيڪيورٽي فراهم ڪري ايندڙ تاريخ تي سندس پيشي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.