ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هارين جو مسئلو حل ڪندي سڌي ريت ڀاڻ خريدڻ لاءِ موبائل ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.
ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ هارين لاءِ ڀاڻ جي سڌي ريت خريداري لاءِ UgAi نالي ايپ جي تعارفي تقريب ٿي، جنهن ۾ زراعت واري وزير محمد بخش مهر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
سنڌ حڪومت اها سهولت نجي ڪمپني اينگرو فرٽيلائيزر جي ڀائيواري سان پيش ڪئي آهي، تقريب ۾ زراعت کاتي جو سيڪريٽري رفيق ابڙو، هاري ڪميٽي جا سينيئر ميمبر ۽ اينگرو فرٽيلائيزر جا ميمبر به موجود هئا.
ان موقعي تي محمد بخش مهر چيو ته ايپ ذريعي اينگرو فرٽيلائيزر پنهنجي گودامن مان هارين کي ايراضي ۽ ضرورت موجب سڌي ريت ڀاڻ فراهم ڪندي، جنهن سان هارين کي فائدو ٿيندو.
You might also like