اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جنوري 2025 کان بينظير تعليمي وظيفن جي رقم وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ان اسڪيم مان تقريبن 60 لک شاگرد فائدو کڻندا، اها رقم انهن مائرن کي ادا ڪئي ويندي، جن جا ٻار نرسري کان 12هين جماعت تائين پڙهي رهيا آهن.
حڪومت والدين کي مشورو ڏنو آهي ته اهي ترجيحي بنيادن تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين.
واڌ کانپوءِ پرائمري ليول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٻه هزار رپيا وظيفو، سيڪنڊري ليول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 3 هزار رپيا، جڏهن ته هائير سيڪنڊري ليول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 4000 رپيا وظيفو ڏنو ويندو.
Prev Post
You might also like