تعليمي ادارن ۾ 5 ڏينهن موڪل جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا 12 کان 16 آڪٽوبر تائين بند رهندا.
وفاقي حڪومت طرفان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس کان اڳ سخت قدم کنيا پيا وڃن.
جاڙن شهرن جي رهواسين لاءِ 14 کان 16 آڪٽوبر تائين 3 ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي پر ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هجڻ سبب 5 ڏينهن موڪل ملندي.
واضح رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.