ترقي جي اوسيئڙي ۾ ويٺل سوين آفيسرن لاءِ سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 19هين ۽ 20هين گريڊ جي آفيسرن جي ترقي لاءِ سينٽرل سليڪشن بورڊ جو اجلاس جلد گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ترقي جي منتظر گريڊ 19 ۽ 20 جي سوين آفيسرن لاءِ سٺي خبر اچي وئي، ذريعن موجب آفيسرن جي ترقي لاءِ سينٽرل سليڪشن بورڊ جو اجلاس جلد گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آفيسرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، اجلاس ۾ سوين آفسرن جي ترقي جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب بورڊ جو اجلاس تقريبن 14 مهينن کان دير جو شڪار آهي، گريڊ 20 ۽ 21 جون تقريبن 7 سئو جايون خالي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.