بجلي بلن ۾ ٽيڪس وصولي، واهپيدارن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي بلن ۾ ٽيڪس وصولي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ وڪيل چيو ته ايڊوانس ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ڏيندڙ واهپيدارن تي لاڳو ناهي ٿيندو، جيڪڏهن درخواستگذار انڪم ٽيڪس ادا ڪندو اهي ته اسان سان رابطو ڪري.
هن چيو ته بجلي هڪ وڪري جوڳي شئي آهي، جنهن تي ٽيڪس لڳندا آهن، جڏهن ته فيول ايڊجسٽمينٽ تيل جي اگهن موجب ريگيوليٽ ٿيندي آهي.
ان تي عدالت چيو ته فيول ايڊجسٽمينٽ ڪيترن کي مهينن کانپوءِ ٿيندي آهي، جيڪڏهن ڪو ڪرائي دار آهي ته اها فيول ايڊجسٽمينٽ ان جي حق تلفي آهي.
عدالت درخواستگذار کان سوال ڪيو ته فنانس ايڪٽ تحت ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي، توهان فنانس ايڪٽ چئلينج ڪيو؟
پوءِ عدالت بجلي بلن ۾ ٽيڪس وصولي خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته درخواست رد ڪرڻ جا سبب پوءِ جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.